اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدو?? شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ ملا??ات ڪئي. ملا??ات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ برطانيه ۾ ره??دڙ 16 لک پاڪستانين جو ڪردار خصوصي اهميت رک??دڙ آهي، ش??هه محمود قريشي چيو ته پاڪستان برطانيه سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻرطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.