اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چ??و آهي ته رياس?? جي رٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ انتهاپسندي مان ڇوٽڪارو ممڪن نه آهي، موقف پيش ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي جڏهن ته ان کي زبردستي مڙهڻ صحيح نه آهي، اسان شدت پسندي سان دنيا کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، شدت پسندي هن وقت ٻيو وڏو مسئلو آهي، اسان کي ڀارت کان ڪو خطرو نه آهي، اسان جي فوج دنيا جي ڇهين وڏي فوج ۽ اسان ائٽمي طاقت آهيون، ڀارت اسان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، اسلام اعتدال ۽ امن جو درس ڏي ٿو، جيڪو شخص سيرت النبي ﷺ کي سمجهي ٿو اهو ڪيئن شدت پسند ٿي سگهي ٿو؟ اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري ??واد حسين چ??و ته قانون جي عملداري ??قيني بڻائڻ رياست ج?? ذميواري آهي، رياست جو ڪنٽرول ختم ٿيو ته جٿا قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺن ٿا. هن چ??و ته حڪومت ۽ رياست شدت پسندي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان صوفين جي سرزمين ۽ درگاهن جو مسڪن هو، هتي هڪ ٻئي کي مڃي هلڻ وارا ماڻهو هئا، ٽي سئو سال اڳ جو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ڏسو ته هتي مذهبي شدت پسندي ڪڏهن نه هئي. هن چ??و ته ڪجهه سياسي سببن جي ڪري ??تي اهڙو عنصر پيدا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ان وڏي خ??ري ۾ وٺجي ويو آهي. هن چ??و ته ماضي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙا استاد ڀرتي ٿيا جن انتهاپسندي کي فروغ ڏنو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اسلام اعتدال ۽ امن جو درس ڏي ٿو، جيڪو شخص سيرت النبي ﷺ کي سجهي ٿو اهو ڪيئن شدت پسند ٿي سگهي ٿو؟ چوڌري ??واد حسين چ??و ته نرم روين جي لاءِ ماحول جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان ماحول نه ٿا ڏئي سگهون، عام ماڻهو جي زندگي جو تحفظ نه ٿا ڪري سگهون، ڪو ٻيو موقف نه ٿو اچي سگهي ته سافٽ چينج ڪيئن ممڪن آهي؟ هن چ??و ته مولانا حسن جان کي اها فتويٰ ڏيڻ تي شهيد ڪيو ويو ته خودڪش حملو اسلام ۾ جائز نه آهي. هن چ??و ته اسلام جي تبليغ توازن تي ٻڌل آهي، اسلامي تعليم جي تشريح ڪندڙ فيصلو ڪن ٿا ته ڪهڙي فلسفي جي ڪهڙي تعبير ٿيندي. هن چ??و ته برطانيا مقامي لاء انفورسمنٽ نظام قائم ڪيو هو، اسان اهو نظام ته ختم ڪري ڇڏيو پر ان جو متبادل نظام نه آڻي سگهياسين، ان نظام جا ٽي وڏا ٿنڀ چوڪيدار، نمبردار ۽ ٿاڻيدار هئا، نمبردار جو انسٽيٽيوشن ختم ٿيڻ سان چ??ڪيدار جو نظام ختم ٿي ويو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخي ڏٺي وڃي ته ڳالهيون وزيراعظم يا گهرو وزير نه پر ٿاڻيدار ڪندو هو. هن چ??و ته جيڪا رياست قانون جي عملداري ??ه ڪرائي سگهي، ان جي بقاءَ تي تمام جلد سوال اٿن ٿا. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته موقف جو فيصلو سوسائٽي کي ڪرڻو آهي. جيستائين اسان قانون جي عملداري کي يقيني نه بڻائينداسين ۽ رياس?? جي رٽ قائم نه ڪنداسين، شدت پسندي جي لاءِ ڪو نرم رويو نه ٿو اچي سگهي.