اسلام آباد – 16 –; نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي ا??لين تر??يح آهي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرئين س??ڙپڪارن جي گهري دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ افرادي قوت ۽ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي ڪم تيزي سان جاري آهي جتي ٽيڪنالاجي ا??ٽر پرينيورز کي جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻاهرئين س??ڙپڪاري سان نه رڳو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿي سگهندي پر قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿيندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حو??لي سان ضروري قدم جلد کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي ا??هن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.