اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان جاپان سان پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو ڇو ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جا تمام گهڻا ام??ان موجود آهن، پاڪس??ان ڪاروبار جا زبردست موقعا پيش ڪيا آهن ۽ جاپاني ڪمپنيون معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، آٽوموبائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، ايس ايم ايز ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڪاروباري دوستاڻي ماحول ما?? فائدو کڻي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان ۾ جاپان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪونينوري مستودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪس??ان ۽ جاپان جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن مهارت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن جاپان حڪومت جي جي ڊي ايس اسڪالرشپ پروگرام ۾ پاڪس??ان کي شامل ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت پاڪس??ان جي 20 شاگردن کي جاپاني يونيورسٽين ۾ گريجوئيٽ ڪورسز ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. صدر آڪٽوبر 2019ع ۾ پنهنجي جاپان جي دور جو حوالوڏيندي چيو ته هن جاپان جي قيادت سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن جاپان جي عالمي تعاون ايجنسي (JICA) ۽ جاپاني ڪمپنين جي ڪردار کي به ساراهيو جنهن پاڪس??ان ۾ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو، جاپاني سفير صدر کي آگاهه ڪيو ته پاڪس??ان ماهيگيري ۽ زرعي مصنوعات جو وڏو روانگي واپار ڪندڙن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ چانور، کجور، تر، انب، گوار، سيانتا ۽ لُوڻ شامل آهن، هن ٻڌايو ته ٽوياٽا آٽوموبايل ڪمپني پاڪس??ان ۾ جديد ترين هائبرڊ ڪارن جي تياري لاءِ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، ان کانسواءِ آٽوپارٽس بڻائڻ جي لاءِ ڪمپنين جي مدد ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته جاپان اوساڪا 2025ع ايڪسپو منعقد ڪندي ۽ ايڪسپو ۾ پاڪس??ان جي شرڪت جي درخواست ڪئي آهي، هن چيو ته سال 2022ع پاڪس??ان ۽ جاپان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائيندي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ مناسب طريقي سان سالگرهه ملهائيندا، صدر سفير کي پاڪس??ان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ جاپان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.