اسلام آباد – 11 ̵1; س??پٽمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته قائداعظم مسلمانن جي لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي جدوجهد ڪئي، باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان خودمختيار رياست بڻجي اڀريو، ان تي پ??ري قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، محمد علي جناح جي شخصيت هڪ اعليٰ ۽ مثالي ڪردار رکندڙ هئي، هن جمهوري ۽ انصاف تي ٻڌل اصولن کي اختيار ڪيو. قائداعظم محمد علي جناح جي ورسيءَ تي پ??هنجي پ??غام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته قائداعظم وڪالت ۽ سياست ۾ رهي پ??هنجي دامن کي صاف سٿرو رکيو، هو مسلمانن جي نئين سر ذهني تعمير ۾ روشني جو مينار بڻيل رهيو، هن پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات اعليٰ معيار ۽ ديانت سان ڪئي، پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي جوڙي جيڪا سدائين ٺوس ۽ مڪمل رهي. هن چيو ته باباءِ قوم جي لاڏاڻي جو ڏهاڙو اسان کي هڪ اهڙي عظيم تر??ن قائد جي ياد ڏياري ٿو جنهن ننڍي کنڊ جي خوفزده ۽ مايوس مسلمانن کي هڪ نصب العين ڏنو هو، هن منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بي مثال قيادت فراهم ڪئي.