اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پا??لياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جو عهدو ڇڏيندڙ عهديدارن کي ڪاميابي سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پا??لياماني صحافت جو پا??لياماني ڪارروائي ۾ وڏو اهم ڪردار آهي، پا??لياماني رپورٽرز کي ڪم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، هو پي آر اي جي عهدو ڇڏيندڙ باڊي ۽ سينئر صحافين جي اعزاز ۾ سينيٽ چيئرمين جي پا??ان ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪري رهيو هو. اسپيڪر چيو ته پرنٽ کان اليڪٽرانڪ ۽ هاڻي ڊجيٽلائيزيشن ميڊيا جو دور آهي ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تيزي سان طاقت بڻجي اڀري رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ هاڻي خ??ر وقت جو انتظار ناهي ڪندي، پر خبر جي رفتار سپر سونگ جهاز وانگر تيز آهي، ميڊيا ڊجيٽلائيزيشن کي شفاف شڪل ڏيڻ به هڪ وڏو چئلينج آهي،