ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي سمورن ڪمزور طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن کانسو??ءِ مجموعي ترقي جا مقصد حاصل نٿا ٿي سگهن، مسئلن جي حل جي حوالي سان بهتر منصوبابندي ل??ءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آهن، ان سلسلي ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن جو سروي ڪيو پيو وڃي، ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ڀلائي موجود حڪومت جي اولين ??رج??ح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پُرعزم ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس ۽ ورچوئل نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحفظ ل??ءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ عورتن، خصوصي ماڻهن ۽ ٿيليسيميا جي مريضن سان مختلف وقتن ۾ ويهڪن جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن ل??ءِ مهم جي قيادت ڪرڻ تي بيگم ثمينه عارف علوي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي با??ت منصوبابندي ل??ءِ ضروري آهي ته انهن جي تعداد بابت درست انگ اکر موجود هجن، ان مقصد ل??ءِ احساس پروگرام تحت هڪ سروي ڪيو پيو وڃي، هن چيوته وراثت ۾ عورت جو حق ڏيڻ احسان نه پر ذميداري آهي.