اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين ??وچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ?? نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ?? نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين ??ينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات ?? نشريات واري وزارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ?? پروگرام ۾ بهتري جي ??نص??بابندي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.