اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز سي??يٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پارلياماني ۽ جمهوري قدرن جي فروغ ۾ سندس ڪردار اهم رهيو آهي. هن چيو ته ??لله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ پوئينرن کي صبر ?? جميل عطا فرمائي.