اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) انساني حقن واري و??اق?? وزير ڊاڪٽر شيرين مزار جي هدايت تي هيومن رائيٽس جي پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي ڪرڪ ضلعي جي ڳوٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو ش??ار ٿيندڙ شري پدم هنس مهاراج جي مندر جو دورو ڪيو. اتي پارلياماني سيڪريٽري مقامي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي انتظاميه ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، مقامي ما??هن ٻڌايو ته مندر تي حملو پوليس جي موجودگي ۾ ٿي??. پوليس جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ايڪشن کان پاسو ڪيو، انتظاميه بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پدم هنس مهراج جي مندر تي حملو ڪندڙ مرڪزي ملزم مولي محمد شريف کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين 45 جوابدارن کي به گرف??ار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي و??اق?? پارلياماني سيڪريٽري هندو برادري کي خاطري ڪرائي ته و??اق?? ۽ صوبائي حڪومت اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ اقليتي برادري جي مقدس ما??ن جي به حفاظت ڪندي.