اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي ڏاڍ ۾ ره??دڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ خودمختياري جي حق جي حمايت ڪري ٿو، عا??مي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل پنهنجي اخلاقي، قانوني، سياسي ۽ سفارتي اٿارٽي کي استعمال ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، پاڪستان عا??مي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ سڄي دنيا ۾ يو اين امن مشنز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چئي. هن چيو ته عا??مي برادري گڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه ملهائي ره?? آهي، 75 سال اڳ باني ميمبر ملڪن گڏجي ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ قاعدن تي ٻڌل عا??مي نظام جوڙيو.