ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪراچي جي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي وزيرن شبلي فراز، اسد عمر، سيد علي زيدي، امين الحق، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ ??نرل همايون عزيز، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ ??نرل فيض حميد، صوبائي وزيرن سيد غني، ناصر شاهه ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي ح??ال?? سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.