اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لا??ات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چي?? آهي ته حڪومت ايم 8 موٽرو?? تي تعميراتي ڪم پهرين ترجيح طور تي ڪندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چي?? ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي اڳ ۾ ئي ايم 8 موٽروي جي 26 ارب ??ي لاڳت جي 146 ڪلوميٽر هوشاب آواران حصي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. ايم 8 موٽروي سکر لاڙڪاڻي کي گوادر سان ڳنڍيندو جيڪو هن وقت تعمير هيٺ آهي جڏهن ته گوادر ۽ هوشاب 193 ڪلوميٽر حصي جي تعمير جو افتتاح فيبروري 2016ع ۾ ڪيو ويو ??و. ??هو منصوبو سنڌ صوبي ۾ رتوديرو کان شروع ٿئي ٿو ۽ خضدار، آواران، هوشاب ۽ تربت کان ٿيندو بلوچستان صوبي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سامونڊي شهر گوادر جي بلڪل اوڀر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.