اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، بين الافغان ڳاله??ن تي راضپو ۽ ڳالهين واري ٽيمن جو اعلان خوش آئنده آهي، انهن ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائي??ار امن جي راهه هموار ٿيندي. اها ڳالهه هن افغان امن عمل بابت آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خ??يل زاد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، افغان امن عمل جي حوالي سان خاص ط??ر تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خ??يل زاد ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ دهشتگردي جي حملي تي پرڏيهي وزير سان افسوس جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وقت سر ڪارروائي ۽ جوانن جي مثالي جرئت کي ساراهيو.