اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هيلٿ ورڪرز جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي قومي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، ??اڪستان حڪومت انهن جي حفاظت کي ا??لين ترجيح ڏي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي دوري جي مو??عي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان مو??عي تي هيلٿ وارو وفاقي سيڪريٽري عامر اشرف خواجه ۽ ڊي جي هيلٿ پڻ ساڻس گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ جاري ا??تظامن ۽ قدمن جو جائزو ورتو. ان مو??عي تي پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر درپيش چئلينجز ۽ قدمن بابت بريفنگ ڏني.