ڊيره غازي خان – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته حڪومت ضروري دوائن جي ملڪ ۾ آساني سان دستيابي ۽ عوام کي مناسب قيمت تي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري ر??ي آهي، ڊرگ ريگي??لي??ري اٿارٽي کي مڪم?? طور تي متحرڪ ۽ فعال بڻائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪيو و??ي، افرادي قوت کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو و??ي. اها ڳالهه هن ڊيره غازي خان ۾ سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائرين جي لاءِ قرنطينه ۾ ڪيل انتظامن ۽ قرنطينه مرڪز ۾ زائرين کان انهن جي خيريت معلوم ڪرڻ کانپوءِ پنجاب صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.