اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڊجيٽل پاڪستان جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي ته جيئن هو آزاداڻي طور تي ڪم ڪري ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پ??هنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ملٽي نيشنل ٽ??لي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني وي آن (VEON) جي چيف آپريشنز آفيسر سر??ي هيريرو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. جاز پاڪستان وي آن جي ذ??لي ڪمپني آهي.