اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جو سختي سان نوٽيس وٺ??دي ملاوٽ جي خلاف ايمرجنسي ل??ڳو ڪري نيشنل ايڪشن پلان هڪ هفتي ۾ جوڙڻ جي هدايت ڪ??دي چيو آهي ته کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ اسان جي عوام ۽ خاص طور تي اسان جي ٻارن جي صحت ۽ زندگين سان کيڏي رهيا آهن جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هن هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ضرورت جي شين مثال ط??ر ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين فصلن جي طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن ۽ طلب ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس منصوباب??دي جي ل??ءِ قائم ڪيل خصوصي سيل قائم ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جي جائزي، پرائس ڪنٽرول، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ ملاوٽ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو.