??سل??م آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ??ضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي سخت محنت ڪري رهيو آهي، پاڪستان ??سلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شهباز شريف جي غيرجمهوري ۽ غيرآئيني مطالبن کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر عوامي حمايت وڃائي چڪي آهي، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شهباز شريف کي هاڻي چار سال انتظار ڪرڻ گهرجي، کيس جمهور?? حڪومت جي خلاف منفي پروپئگنڊه تي مايوسي ٿيندي.