لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سک يات??ين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، سک برادري جي ويزائن جا مسئلا حل ڪيا ويا، سک يات??ين لاءِ پاڪستاني ويزا فيس نه هوندي، ايندڙ سال ڪرڪيٽ چيمپئن ٽرافي ۾ ڀارتين لاءِ اسپيشل ڪوٽا رکي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آمريڪا مان آيل 44 رڪني سک يات??ين جي وفد سان هتي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر دلوير سنگهه پنون، سرجيت سنگهه هوٿي ۽ ٻين ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان آيل سک برادريءَ کي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو پر ڪجهه عرصي ۾ پن??اب جي وزيراعليٰ سک برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سک يات??ين کي ويزا اِشو جو مسئلو هوندو هو، اسان سک برادري جي سهولت لاءِ ويزائن کي آن لائن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته آمريڪي، ڪئنيڊين ۽ يو ڪي پاسپورٽ رکندڙ سک برادري آن لائن فارم جمع ڪرائين ۽ 30 م??ٽن ۾ ويزا حاصل ڪن. آن لائن ويزا جي ڪا فيس ناهي، اها سهولت ڀارتي ڄاون آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ برطانيه ۾ ترسيل سک برادري لاءِ پڻ آهي. هن چيو ته سک برادري لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، اوهان سال ۾ 10 ڀيرا پاڪستان اچو هر ڀيري اوهان کي ڀليڪار چونداسين. آن لائن ويزا لاءِ صرف فارم ڀرڻو آهي، ويزا 30 م??ٽن ۾ اوهان جي هٿن ۾ هوندو. محسن نقوي چيو ته جهڙيءَ طرح مسلمانن لاءِ سعودي عرب مقدس آهي اهڙيءَ طرح سک برادري لاءِ پاڪستان، جڏهن ته هتي سک برادري جي ٻ??ن ماڳن کي پڻ کوليو ويندو، وزٽ لاءِ اجازت نامي جي ض??ورت نه هوندي. هن واضح ڪيو ته حسن ابدال، ڪرتارپور، ننڪانه صاحب لاهور کان سواءِ ٻ??ن ماڳن تي به وڃي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪنداسين. تازن ڏينهن ۾ پاڪستان حڪومت 124 ملڪن لاءِ ويزا فري ڪئي آهي. آمريڪا ۾ آيل سک يات??ين جي وفد مهمان نوازي تي وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته فري آن لائن ويزا سروس سان تمام گهڻي سهولت ملي آهي. ان موقعي تي ناليوارو صنعتڪار ڪاشف اشفاق ۽ ٻيا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.