رياض – 29 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار معصوم فلسطينين جو آواز بڻجي ويو. هن عالمي سيڙپڪاري جي لاءِ منعقد فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ خ??ي ۽ عالمي ترقي جي لاءِ غزه ۽ فلسطين ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران غزه ۽ فلسطين جي معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن جي حق ۾ آ??از اٿارڻ تي پورو هال تاڙين سان گونجي ويو.