اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ جھاز راني جو ع??لم?? ڏھاڙو ملھايو ويو. ھلندڙ سال ان ڏي??ھن جو موضوع ”نيويگيٽنگ دي فيوچر، سيفٽي فرسٽ“ چونڊيو ويو ھو جيڪو سامونڊي حفا??ت ۽ سلامتي کي ھٿي وٺرائڻ جي اھميت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏي??ھن کي ملھائڻ جو مقصد سمنڊ اندر مسافرن، مال بردار، تيل ۽ ڪيميڪل برادر ٻيڙن جي حفاظتي سفر جڏھن ته سمنڊ ۾ پيش ايندڙ گڏيل مسئلن جي حل کي ڳولڻ ۽ ان جي ازالي لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائڻ آھي. جھاز راني جي ع??لم?? ڏي??ھن جي موقعي تي سڄي ملڪ مان ??رڪ??ري ۽ نجي ادارن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون رکيون ويون جن جو مقصد سمنڊ جي حفا??ت ۽ سلامتي کي ھٿي ڏيڻ جي حوالي سان عام ماڻھو ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آھي.