اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جي تعليم ڀائيچاري،امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، ان کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيال جو هن اظهار هن جمعي ڏينهن عيد ميلاد النبي جي مناسبت سان پارليامينٽ هائوس ۾ ??طا??ي نما??ش ۽ سيرت محل بڪ ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو . سردار اياز صادق چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم انسانيت جا محسن آهن ۽ حضور پاڪ جي سيرت طيبه ۽ حسن اخلاق اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي . هن چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي ??نيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن آهي . سندن تعليمات اسان کي ڀائيچاري، امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي حضور پاڪ صه جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي .اسپيڪر چيو ته نمائش ربيع الاول جي مبارڪ مهيني جي مناسبت سان منعقد ڪئي وئي ??هي . واضع رهي ته نمائش ۾ 25 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي . نمائش ۾ ??طا??ي جا 112 فن پارا رکيا ويا آهن جيڪي نالي وارن ??طا??ن جي تخليقي صلاحيتن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسپيڪر ان موقعي تي واصل شاهد جي تخليقي صلاحيتن جي تعريف ڪندي تقريب ۾ شريڪ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جو شڪريو ادا ڪيو .هن وڌيڪ چيو ته سيرت محل بڪ ڪارنر ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جي حيات طيبه جي حوالي سان 400 ناياب ڪتاب رکيا ويا آهن جيڪي نبي ڪريم جي حيات طيبه جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.