اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله ??ارڙ سينيئر صحافي احتشام يوسف جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي لاڏاڻي کي سوڳوار خاندان جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان ۽ وڏو ص??مو قرار ڏيند?? چيو ته ماءُ جهڙي عظيم هستيءَ جو ڪوبه نعم البدل نه آهي. هن چيو ته مرحومه جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. هن چيو ته احتشام يوسف ۽ سندس گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله ??عاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.