لاهور-06 سيپ??مب?? (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان 6 سيپ??مب?? يوم دفاع جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن سال اسان سڀني کي يوم دفاع کي ???يوم وفا“ طور ملهائڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج سڄي قوم جو فخر آهي ۽ ”سپاه سان وفا“ ۾ ئي وطن عزيز جي بقاءَ آهي. هن چيو ته 6 سيپ??مب?? 1965ع ??ي بهادر فوج دشمن کي سبق سيکاريندي جرئت ۽ بهادري جا جيڪي داستان لکيا آهن انهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان ج?? جوانن گهٽ کان گهٽ وسيلن سان پاڻ کان وڏي دشمن کي ڪمزور ڪري ڏيکاريو. ملڪ اڄ به دهشتگردي ۽ دشمن ج?? ناپاڪ ارادن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ انهن مشڪل حالتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هر پاڪستاني پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو وچن ورجائي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته 6 سيپ??مب?? جو ڏينهن اسان سڀني جي رت کي گرمائي ??و ۽ ملڪ لاءِ قربانين ج?? عزم کي تازو ڪري ??و ۽ يوم دفاع تي اسان سڀ پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا.