ملتان-26 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري چيو آهي ته ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي نظر ايندي. پنجاب حڪومت طرفان ??جلي جي صارفين کي ڏنل 45 ارب رپين جي رليف کي شفاف انداز سان ??ارفين سان پهچائينداسين. اهڙو اظهار هن ميپڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاملا گڏيل ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ملڪي ۽ عوامي مفادن مطابق طئي ڪيا ويندا. سردار اويس لغاري جو چوڻ هو ته ڪيپسٽي ادائگين جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نجڪاريءَ کان ??ڳ ڊسڪوز جا معاملا ٺيڪ ڪنداسين. پري پيڊ ميٽرز لڳائڻ، صارفين جي مسئلن جي حل ۽ پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن ۾ ڏنل رليف کي شفاف انداز سان ??ارفين تائين پهچائينداسين. سردار اويس لغاري چيو ته وزارت مان ??فارش جو ڪلچر ختم ??يو ويو آهي. ملتان ??يجن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي چوريءَ جون رپورٽون آهن، جنهن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن، ان ??لسلي ۾ انتظاميه کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي، ان ??و چوڻ هو ته اسان ??و هدف آهي ته سمورن ميٽرز کي سمارٽ ميٽرز تي منتقل ??يو وڃي جنهن جو فائدو سنگل ۽ ٿري فيز صارفين کي ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته بجلي صارفين جي سهولت ۽ شڪايتن تي فوري ڪارروائيءَ لاءِ هيلپ لائن جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻايو پيو وڃي، ان کان ??ڳ وفاقي وزير ميپڪو جي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران هيلپ لائن نظام جي بهتري ميپڪو ڪا??ڪر??گي ۽ پنجاب حڪومت طرفان ??جلي جي صارفين کي 45 ارب رپين جي رليف کي شاندار انداز سان ??ارفين تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.