اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي لاءِ جرمن?? جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ج??من?? جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن، جن کي هو وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان جرمن?? جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولز?? جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزير شولز?? جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي لاءِ جرمن?? جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ج??من?? جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن. هن پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ جرمن?? جي ڪردار کي ساراهيو. ان ڏس ۾ وزيراعظم جرمن حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلين جي موثر اثرن ۾ گهٽتائي ۽ معاشي واڌويجهه جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو. جڏهن ته ملڪ جي معاشي بحال?? جي لاءِ سڌارن سميت پنهنجي حڪومت جي ترجيحن جو به ذڪر ڪيو. وزير شولزي وزيراعظم کي چانسلر اولاف شولز جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون جي شعبن ۾ گڏيل حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جرمن?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به ٻڌايو ته جرمني پاڪستان جي قابل تجديد توانائ?? جي شعبي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ جي قدمن لاءِ پنهنجو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ۽ ج??من?? جي اقتصاديات واري وزير ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاج?? جي منتقلي سان گڏوگڏ هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافو شامل آهي. هن غزه جي صورتحال ۽ يوڪرين تڪرار سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. وزير سوينجا شولزي چانسلر اولاف شولز پاران وزيراعظم کي آڪٽوبر ۾ هيمبرگ پائيداري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي پاران سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، منصوبابندي وارو وفاقي وزير، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير، واپار وارو وفاقي وزير ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شامل هئا.