ڪراچي- 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بيلسٽڪ ميزائل ش??هين- ٽو جي ڪامياب ??جربي تي اطمينان جو اظهار ڪندي سائنسدانن ۽ انجينئرن کي مباڪون ڏنيون آهن. ڪراچي ۾ بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميزائل ٽيڪنالاجي اسان جي سائنسدانن ۽ انجينئرن جي مهارت ۽ لڳن جو نتيجو آهي، شاهين-2 جو ڪامياب ??جربو پاڪستان جي دشمنن لاءِ خوف جو پيغام آهي.