ڪوئيٽا-08 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي و??ير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي سامهون آئي آهي، مسئلي جي جلد لاءِ پرُاميد آهيون، چمن مسئلي جي حل لاءِ ون ڊاڪيومينٽ رجيم تي ??مل??رآمد لاءِ چمن جي شهرين کي پهريون ڀيرو مفت پاسپورٽ ڏنو ويند??. ا??ڙو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان پهرين ڏينهن کان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، هاڻ به ڳالهين جو مرحلو هلي رهيو آهي?? صوبائي حڪومت ان ڳالهه تي قائل آهي، آئين پاڪستان جي اندر رهندي جمهوري جدوجهد ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو نالو وٺڻ کانسواءِ هن چيو ته گوادر ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن جلد ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو