اسلام آبا?? – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽي??ي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڏورانهن علائقن ۾ تيز تر موبائيل انٽرنيٽ جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرز وي آن گروپ سر برينڊن ليوس جي قيادت ۾ وي آن گروپ/ جيز جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڊيجيٽل ??يشنل سمٽ ۾ شرڪت ڪندڙ وي آن گروپ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٽي??ي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ تيز تر موبائيل انٽرنيٽ جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته وي آن / جيز گروپ پاڪستاني معيشت ۾ مثبت ڪردار ادا ڪي?? آهي، پاڪستان ۾ ٽي??ي ڪميونيڪشن جي شعبي ۽ رابطا وڌائڻ ۾ وي آن/ جيز گروپ جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. وفد ڊيجيٽل ??اڪستان انيشي ايٽو ۾ دلچسپي جو اظهار ڪي??. وفد پاڪستاني معيشت کي ڪيس ليس بڻائڻ ۽ ڊيجيٽائيز ڪ??ڻ جي وزيراعظم جي ويزن کي ساراهيو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽي??ي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.