لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جا 5 سال پورا ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين ج?? خوداراديت واري حق جي من??فا??ي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻ??له?? ۾ هن چيو ته ??ارت جا 5 آگسٽ 2019 وارا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جون ڀڃڪڙيون آهن، جن ۾ اهو چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي مطابق آزاد، غيرجانبدار ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ??شميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور تي و??لا??يل ڄمون ڪشمير ۾ ناپاڪ ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي رهيو آهي جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين خطرا آهن. هن چيو ته ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون ٺهرائون ۽ ڪشميري عوام ج?? خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان و??لا??يل ڪشمير جي سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قرباني ۽ انهن جي پونئرن کي ان عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.