آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامو فوبيا، ماحولياتي تبديلين، تڪرارن ۽ وبائي مرضن جي سماجي ۽ اقتصادي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ??سا?? سڀ گڏجي خوداراديت، خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ عدم مداخلت جو احترام ڪندي هڪ منصفاڻو ۽ پرامن عالمي ??ظا?? جوڙي سگهون ٿا. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنج?? پوسٽ ?? هن چيو ته هن ايس سي او پلس سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو جنهن ۾ تڪرارن کي حل ڪرڻ، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي نفرت ۽ امتيازي سلوڪ جي حوصلا شڪني جي ضرورت تي ڌيان ڏنو. اسلامو فوبيا ماحولياتي تبديلين ۽ تڪرارن ۽ وبائي مرضن جي سماجي ۽ اقتصادي آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو. هن چيو ته ??سا?? کي گهڻ رخي جي ذريعي عزم ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن فلسطين ۾ فوري امن قائم ڪرڻ ۽ اسرائيلي ڏاڍ جي خاتمي تي زور ڏنو. گڏيل قومون سمورن پراڻي ت??رارن جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، پاڪستان گهڻ رخي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ 25 – 2024ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، ??سا?? سڀ گڏجي خوداراديت، خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ عدم مداخلت جو احترام ڪندي هڪ منصفاڻو ۽ پرامن عالمي ??ظا?? جوڙي سگهون ٿا.