اسلام آباد – 9 جون (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي جو بارودي سرنگ سان ٽڪرائڻ واري واقعي ?? پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت واقعي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن لاءِ بلند درجن جي دعا ڪئي. صدر مملڪت سيڪيورٽي فورسز تي پاڻ مرادي بم جي ذريعي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سڄي قوم ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. صدر مملڪت چيو ته قوم پنهنجي بهادر پٽن ۽ شهيدن جي قربانين کي فراموش نه ڪندي. صدر مملڪت شهيدن جي جذبي حب الوطني ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيدن جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.