اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ايران جي ش??ر راسڪ ۽ چابهار ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ٺڪاڻن تي ٿيندڙ ڪڌي ۽ وحشياڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته اسان متاثرين جي گهرڀا??ين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان دهشتگ??دي جي خلاف جنگ ۾ ايران جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگ??دي جي مذمت ڪري ٿو، اسان کي هن خطي ۾ دهشتگ??دي جي وڌندڙ ڪاررواين تي گهري ڳڻتي آهي، اهو هڪ علائقائي ۽ عالمي خطرو آهي جنهن جي لاءِ پرعزم ردعمل جي ضرورت آهي.