اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪم??شن پاران ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ٿيڻ کانپوءِ پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري ن??ران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي، ڪمشنر راولپنڊي جي معاملي تي اعليٰ جاچ ڪميٽي ٺهي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪم??شن به ان معاملي تي ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قانوني عمل هلي رهيو آهي ته انتظار ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪم??شن ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ڪندي، پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري ن??ران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي.