اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي ۽ علائقائي سالميت تي ٺاهه نه ڪندو، پنهنجي سرزمين جي دفاع ل??ءِ سڀئي ضروري قدم کڻنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايران جي سيستان ۽ بلوچستان صوبي ۾ پاڪستان جي ڪارروائي تي پنهنجي بيان ۾ صدر ايراني شهرين کي جاني ??قص??ن کان بچائيندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ تي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ چيو ته دهشتگردي هڪ گڏيل چئلينج آهي، ان جي خاتمي ل??ءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سڀني رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو ۽ ٻين ملڪن مان به اها ??ي اميد رکي ٿو ته اهي عالمي قانونن جي خلاف ورزي نه ڪن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر ملڪ آهن، مسئلن کي ڳالهين ۽ گڏيل مشاورت سا?? حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.