اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي آئيسڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي 139860 رپيا واپسي جي هدايت ڪري ڇڏي. آئيسڪو حاجي اختر رحيم کي لاڳت ۾ اضافي جي ڪري غيرمنصفاڻي طور تي بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو هو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب حاجي اختر رحيم ٽرانسفارمر ۽ بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ آئيسڪو کي درخواست ڏني هئي، شڪايت ڪندڙ کي لاڳاپيل سامان جي قيمت سميت 305656 رپين جو ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو، شهري رقم جمع ڪرائي، وقت سر ڪنيڪشن ل??ائ?? بدران قيمت ۾ اضافي جي ڪري اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو. شهري ڊيمانڊ نوٽيس واپس وٺڻ جي لاءِ آئيسڪو سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو. شهري شڪايت جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. آئيسڪو محتسب جي فيصلي جي خلاف صد?? وٽ درخواست داخل ڪئي. ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي، رڪارڊ ڏس?? کانپوءِ صد?? آئيسڪو کي رقم واپسي جي هدايت ڪئي. صد?? چيو ته آئيسڪو 30 ڏينهن جي اندر بجلي ڪنيڪشن نه لڳائي پنهنجي ئي طريقيڪار جي خلاف ورزي ڪئي، آئيسڪو 30 ڏينهن ۾ ڪنيڪشن ل??ائ?? جي پابند آهي، نه هڻڻ ۾ 7 مهينن جي دير ٿي، آئيسڪو شڪايت ڪندڙ کي اضافي ڊيمانڊ نوٽيس موڪليو، جڏهن ته هو اڳ ۾ ئي گهربل رقم ادا ڪري چڪو هو. هن چيو ته آئيسڪو صارفين کي خدمتن جي فراهمي جي خلاف ورزي ڪئي، هڪ ڀيرو ڊيمانڊ نوٽيس جي مڪمل ادائيگي کانپوءِ قيمت ۾ اضافي جي ڪري ڪي به چارجز/ ڊيمانڊ نوٽيس نه ٿو ڏئي سگهجي. وفاقي محتسب جو فيصلو صحيح دليلن تي ٻڌل، قانوني طور تي پائيدار آهي. صد?? آئيسڪو جي درخواست کي رد ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو.