اسلام آباد – 06 ?? نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر ليسلي اسڪينلون وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي ??وج?? نگران وزيراعظم ۽ هائي ڪمشنر ڪئناڊا پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن ??ي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ترقياتي پروگرام، 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ انساني امداد، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سان گڏو??ڏ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي سيڙپڪاري خاص طور تي ريڪوڊڪ پراجيڪٽ شامل آهن. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي حڪومت پاران ترجيحي شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي معيشت جي استحڪام، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاري سهولت ۽ غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپسي تي روشني وڌي. ڪينيڊين هائي ڪمشنر پاڪستان حڪومت پاران ڪئناڊا جي افغان ري لوڪيشن پروگرام جي لاءِ ڪيل حمايت کي ساراهيو.