اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته موسمياتي تبديلي عالمي ماحول کي متاثر ڪري رهي آهي، ٻوڏ جي ڪري پاڪستان کي معاشي طور تي شديد نقصان کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي و?? ۾ ??ائراڻا لاڳاپا آهن، يو اي اي گذريل سال پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پري ڪوپ – 28 جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ خطاب ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني هلندڙ سال جي آخر ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 28 ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو اظهار ڪندي نئين نسل جي روشن مستقبل کي محفوظ ۽ يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري اصلاح جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان مسئلي جي حل ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي تي زور ڏنو. هن عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ جي اهم ڪردار تي روشني وڌي جيڪو ڪوپ – 28 جي ڪاميابي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. سول سوسائٽي ڪوليشن فار ڪلائميٽ چينج (سي ايس سي سي سي) يونائيٽيڊ ا??ٽي??س ان??ٽي??يوٽ آف پيس ۽ پاڪستا?? ۾ ??ڏيل عرب امارات جي سفارتخاني جي تعاون سان اسلام آباد ۾ پري ڪوپ – 28 سيمينار جي ميزباني ڪئي. سيمينار ۾ سرڪاري عملدارن، ماهرن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي ته جيئن اهي ايندڙ مهيني دبئي ۾ شروع ٿيندڙ ڪوپ – 28 ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ڪردار جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهين. سي ايس سي سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو عائشه خان ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته تقريب جو مقصد موسمياتي تبديلي بابت آگاهي وڌائڻ ۽ مختلف شعبن سان آبهوا بابت مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آبهوا جي حفاظت انساني سلامتي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي، ان جي لاءِ فوري طور تي امن، خوشحالي، حصيداري سان گڏوگڏ ماڻهن ۽ زمين ٻنهي ڀلائي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. يونائيٽيڊ ا??ٽي??س ان??ٽي??يوٽ آف پيس جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عمران خان ماحولياتي تبديلي جي سمورين پاليسين ۽ اسٽريٽجڪ مباحثن ۾ ضم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪوپ – 28 جي لاءِ پاڪستان جي هدفن جو خاڪو پيس ڪندي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ اهليت جو معيار پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم ڳڻتي آهي، خاص طور تي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي موسمياتي بحران ۾ ??رف??رست آهن. اسلام آباد ۾ گڏيل عرب امارات جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن راشد عبدالرحمان آل علي هڪ ٺوس منصوبابندي جي فراهمي جي لاءِ ڪوپ – 28 پريزيڊنسي جي عزم جو اظهار ڪيو. هن مجوزه ڪانفرنس دوران گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي و?? ۾ ??رپور تعاون جي اميد ظاهر ڪئي. افتتاحي سيشن کانپوءِ سيمينار ۾ هڪ پينل ڊسڪشن پڻ ٿيو جنهن ۾ عائشه خان کانسواءِ مختلف شعبن جا ماهر شريڪ ٿيا ج?? ۾ ??ي جي ان??ٽي??يوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ڊي جي نيشنل ان??ٽي??يوٽ آف ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ تنوير پراچا، ڪنٽري ڊائريڪٽر پاپوليشن ڪائونسل ڊاڪٽر زيبا ستار ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر يو ايس آءِ پي عمران خان شامل هئا. ڊي جي ان??ٽي??يوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز سهيل محمود علائقائي تعاون جي اهميت جو ذڪر ڪندي سارڪ ۽ ايس سي او جهڙن فريم ورڪ کي تڪرارن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪميونٽيز جي تحفظ جي لاءِ علم جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ممڪن رستا قرار ڏنو. ڊاڪٽر زيبا ستار نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جي آبادي ۾ اضافي جي بلند شرح وقت سان گڏوگڏ پاليسين جي بي عملي ۽ بد??نتظامي جو نتيجو آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر يو ايس آئي پي عمران خان موسمياتي تبديلي جي سنگين مسئلي کي اجاگر ڪندي انساني ۽ سماجي ترقي کي ان مسئلي تي ڳالهه ٻولهه جي مرڪز ۾ رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. تنوير پراچا هڪ اهڙو فريم ورڪ ٺاهڻ ۾ نيشنل ان??ٽي??يوٽ آف ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ڪوششن جو اشتراڪ ڪيو جيڪو تعليمي ماهرن، سول سوسائٽي، اين جي اوز ۽ زمين تي موجود ٻين مقامي اداڪارن سان گڏ هم آهنگي جي سهولت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اهو نيٽ ورڪ شروعاتي تنبيهه کي ڦهلائڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ۽ ردعمل کي بهتر بڻائيندو. س??ٽي?? ايبل ڊيولپمينٽ پاليسي ان??ٽي??يوٽ (ايس ڊي پي آءِ) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عابد سلهري سيمينار کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ هڪ اهم چئلينج موسمياتي ايجنڊا بابت گورننس ۽ پاليسي جي انضمام ۽ هم آهنگي جي کوٽ آهي. هن آبهوا جي مالي مدد جي لاءِ متبادل ماڊلز جي ڳولا جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، جنهن جي متوازي طور تي ورلڊ فوڊ پروگرام کي خوراڪ جي حفاظت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايف اي او کان جدا هڪ اداري طور تي قائم ڪيو ويو هو. هن چيو ته آبهوا بابت مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهڙي طرح جي مڪينزم جي فوري ضرورت آهي.