اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي سان عا??مي مذهبي آزادي بابت آمريڪي سفي?? رشاد حسين ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير عا??مي مذهبي آزادي بابت آمريڪي سفير سان ملاقات ۾ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورج??ءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي سمورن شهرين جي لاءِ انساني حقن ۽ آزادي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ٺاهيل پاليسي پيش ڪئي.