ڪوئيٽا – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوئيٽا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ، بلوچستان جي نگران وڏي وزير ??ير علي مردان ڊومڪي، گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي استقبال ڪيو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان ۽ آءِ جي پوليس بلوچستان عبدالخالق ش??خ پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم پنهنجي دوري دوران بلوچستان صوبي ۾ نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ بلوچستان ايپڪس ڪميٽي جي 14 هين اجلاس ۾ خصوصي شر??ت ڪندو. هو بلوچستان نگران صوبائي قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو.