نانجنگ – 26 – س??پٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سو??نگي سان روس جي اطلاعات واري نائب وزير بيلا چريڪسووا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سو??نگي روس سان گڏيل پروڊڪشن ۽ تربيتي پروگرامز شروع ڪرڻ تي زور ڏنو. مرتضيٰ سو??نگي روس جي اطلاعات واري نائب وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ان موقعي تي روس جي اطلاعات واري نائب وزير چيو ته ??وس پ??ڪستان سان ميڊيا کانسواءِ به زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ??وس ۾ پاڪستاني ڊرامن کي خاص مقبوليت حاصل آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊرامن ۽ ٻي پروڊڪشن جي مٽاسٽا تي پڻ غور ڪيو ويو. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سو??نگي خطي جي امن جي لاءِ روس جي خدمتن کي ساراهيو.