اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پر??يهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي صدارت ڪئي. دولت مشترڪه جي 45 کان وڌيڪ ملڪن جي يوٿ منسٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جيڪو دولت مشترڪه پاران 2023ع کي ”نوجو??نن جي سال“ طور ملهائڻ جي هڪ حصي طور منعقد ڪيو ويو هو. پر??يهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس جي صدارت ڪندي نگران پر??يهي وزير عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجو??نن جي شموليت کي ترتيب ڏيڻ ۾ دولت مشترڪه جي ڪردار تي زور ڏنو. هن چيو ته دولت مشترڪه جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجو??نن تي ٻڌل آهي جيڪي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن. شرڪت ڪندڙن نوجو??نن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ غور ڪيو ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور ادراڪ ڪري سگهن. نگران پر??يهي وزير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان حڪومت جي فليگ شپ يوٿ پراجيڪٽ ”پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام“ بابت ٻڌايو جنهن 10 سال مڪمل ڪري ورتا آهن. نگران پر??يهي وزير چيو ته هي پروگرام ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام جي چا?? اي ايس تحت طئي ٿيل مقصدن سان ويجهي هم آهنگ رکي ٿو، يعني مشغوليت، تعليم، روزگار ۽ ماحوليات. پاڪستان حڪومت فو?? ايز مان هر هڪ تحت مخصوص واعدا ڪندي 80 ارب رپين جا منصوبا مخصوص ڪري موجوده مالي سال جي لاءِ نوجو??نن جي ترقي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اجلاس جي موقعي تي نگران پر??يهي وزير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل ۽ سر??لن??ا، روانڊا، جميڪا ۽ ساموا جي يوٿ منسٽرز سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. نگران پر??يهي وزير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل، لنڊن جي ميئر ۽ لنڊن ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس جي جڳهه تي روايتي ٽرڪ آرٽ اسڪوٽرز ۽ بليو مٽيءَ جي ٿانون ۾ پاڪستان جي متحرڪ رنگن ۽ ڊيزائنن جي شاندار نمائش ڪئي وئي جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. بيان موجب پاڪستان دولت مشترڪه کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تنظيم سان پنهنجُون ويجهيُون مصروفيتون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.