اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ۽ ملڪ ۾ عوام لاءِ محفوظ ماحول کي ب??قر??ر رکڻ اس??ن جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ سلامتي جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ، سميع سعيد، بلوچستان جو نگران وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم سلامتي بابت معام??ن ۾ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته تحفظاتي معام??ن ۾ رياستي رد عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانوني ڍانچي کي وڌيڪ بهت?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وسيلن کي اثرائتي طريقي سان ڪتب آڻڻ لاءِ جديد ۽ فني حڪمت عملي جوڙڻ اڻٽر آهي.