اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڄي ملڪ جي ??ريس ڪلبن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ??اءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ايبٽ آباد پريس ڪلب جي صدر راجا هارون ۽ جنرل سيڪريٽري راجا منير جي ??يادت ۾ صحافين جي ??فد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ ج??ويد عباسي به موجود هو. وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي درپيش مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جو ڳاڻيٽو ملڪ جي اهم ۽ ذميوار پريس ڪلبن ۾ ٿئي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ايبٽ آباد پريس ڪلب ۾ فوري طور تي ڪمپيوٽر ليب ۽ اسٽوڊيو قا??م ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جي اعلان ڪيل گرانٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته صحافين جي ??سئلن کي حل ڪرڻ اسان جي او??ين ترجيح آهي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ ج??ويد عباسي ايبٽ آباد پريس ڪلب جي ??اءِ ڪمپيوٽر ليب، اسٽوڊيو قا??م ڪرڻ ۽ گرانٽ جي ??راهمي جي اعلان تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته ايبٽ آباد جي صحافي برادري محدود وسيلن جي باوجود پنهنجي ??يشيواراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. صحافين جي ??فد اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ ج??ويد عباسي جا ٿورا مڃيا.