ڪراچي – 15 ??? ج??ن (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شهر قائد ??ا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جيالا چونڊجڻ کي پارٽي جي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ ان اڳڀرائي کي پوري پاڪستان جي فتح قرار ڏنو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب صديقي کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان عب??الله مراد کي ڊپٽي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چي?? ته اها ڪاميابي ڪراچي جي جيالن جي ڊگهي جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. هن چي?? ته ملڪ جي معاشي حب ۾ نفرت ۽ ورڇ جي س??است پنهنجي منطقي انجام تي پهتي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جمهوريت بهترين انتقام آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪراچي هاڻي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻجندو. هن چي?? ته ڪراچي جي هر گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي جا بلدياتي مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪنداسين. هن چي?? ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عب??الله مراد سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي س??ورن چونڊيل نمائندن جي ڪلهن تي هاڻي وڏيون ذميواريون آهن، پر مون کي يقين آهي ته ماضي ۾ ڏکئي ترين حالتن جو مقابلو ڪندڙ جيالا هن ڀيري به پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀائي هڪ نئين تاريخ لکندا.