بغداد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري بغداد ۾ نئين پاڪستاني سفارتخاني جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب ۾ عراقي نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر فواد حسين پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هو. عراق ۾ پاڪستاني سفير احمد امجد علي ۽ پاڪستان ۾ عراقي سف??ر حامد عباس لفتا پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي تعمير انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته پاڪستان ايمبيسي ڪمپليڪس عراق ۽ پاڪستان جي عوام، واپاري برادري سميت سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي لاءِ مددگار ٿيندو.