اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??اڪ??تان جي م??اشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، آمريڪي ملٽري ايڊ روڪرائڻ ??اڪ??تان دشمن ايجندا ۽ 9 مئي سانحي جي ڪڙيءَ آهي، ??اڪ??تان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته ڪو غدار، سازشي ۽ فارن ايجنٽ پنهنجي ڪوڙ، فريب، دوکي ۽ پروپئگنڊه سان هر وقت هر ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي م??اشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، اربين رپين جي فارن فنڊنگ انهي م??ن جي لاءِ ورتي وئي، انهي فارن فنڊنگ سان ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ميڊيا م??م هلائي وئي. هن چيو ته فارن فنڊنگ سان سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٺاهيو ويو جنهن جي ذريعي ??اڪ??تان جي آئيني ۽ دفاعي ادارن ۽ انهن جي قيادت جي خلاف م??م هلائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪ فوج جي قيادت ۽ شهيدن جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ??اڪ??تان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته عوام سياست ۽ ملڪ دشمني ۾ فرق سڃاڻي چڪي آهي، سائفر ۽ 9 مئي هڪ ئي سازش جا ٻه مرحلا آهن، سائفر جي نالي تي آمريڪا جي خلاف پروپئگنڊه ۽ 9 مئي کانپوءِ آمريڪا کان مدد وٺڻ، عوام ڄاڻي ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جون سخت شرطون ۽ پوءِ پي ٽي آءِ پاران خلاف ورزي انهي ايجنڊا جو حصو هو ته جيئن ??اڪ??تان کي اهم قومي مفادن تي جهُڪڻ تي م??بور ڪري سگهجي. هن چيو ته هڪ ڪٺ پتلي کي منظم سازشي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ اقتدار تي مڙهيو ويو جنهن سي پيڪ روڪيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، دهشتگردن کي پناهه ڏني ۽ هاڻي ملٽري ايڊ روڪرائڻ جي م??ن تي آهي. هن چيو ته انهي ايجنڊا تحت ??اڪ??تان جي ويجهي، بااعتماد ۽ سدائين ڪم ڪندڙ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو، ٻاهرئين ميڊيا ۾ جاري نام نهاد انساني حقن جي مهم پڻ اصل ۾ انهي ڪڌي ايجنڊا جو تسلسل آهي ته جيئن ??اڪ??تان جي عالمي امداد روڪرائي ۽ فوج جي اداري کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي.