لاهور – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي جي م??ئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي م??حليوار خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي هڪ ڀيرو استعمال کانپوءِ ان جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي عزم جي تجديد ڪري ٿو. حڪومت پلاسٽڪ جي آلودگي جي خاتمي لاءِ قانوني طريقيڪار جوڙڻ جي حوالي سان قومي ۽ عالمي ڌرين سا?? فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسلام آب??د ۾ پلاسٽڪ جي استعمال جي منع بابت 2023ع جي ريگيوليشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ضابطي تحت ٺوس فريم ورڪ ۾ پلاسٽڪ جي استعمال کي م??حليوار ختم ڪرڻ جي لاءِ مدي جو تعين ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ ??ي ڏينهن معاشري جا سمورا طبقا حياتياتي تنوع جي تحفظ جي لاءِ گڏ ٿين ۽ ري سائيڪلنگ جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪن. هن چيو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي.