ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر وز??راعظم جو وفاقي حڪومت جي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ خصوصي دلچسپي تي ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر وز??راعظم کي سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بر??فن?? ڏني. ان مو??عي تي موجوده ملڪي سياسي صورتح??ل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.